مٽياري: وارڊ نمبر 7 تي ننڍي چونڊ، آزاد اميدوار پ پ اميدوار جي حق ۾ هٿ کڻي ويو
مٽياري ( رپورٽ: ذوهيب ميمڻ ) ٽائون ڪميٽي جي وارڊ نمبر 7 تي 14 نومبر تي ٿيندڙ ضمني اليڪشن لاءِ آزاد اميدوار فيضان خاصخيلي پ پ اميدوار سيد پير صفدر شاهه هاشمي جي حق ۾ دستبردار ٿي ويو، سنڌ حڪومت جي ترجمان مخدوم فخرزمان جي ھدايتن تي فقير حسين علي جعفري، غلام اڪبر ڀٽو ۽ سندس ٽيم اڳوڻو ايم پي اي پير سيد امير علي شاهه ھاشمي ٻيا علي بابا شادي ھال پهتا، ٽائون ڪميٽي مٽياري جي وارڊ نمبر 7 جي آزاد اميدوار فيضان علي خاصخيلي پ پ جي اميدوار سيد پير صفدر شاهه هاشمي جي حق ۾ هٿ کنيو، ۽ مڪمل حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو،
