آلودگي وارن شهرن جي لسٽ ۾ لاهور پهرين نمبر تي، اڄ کان اسڪولن جا وقت تبديل ڪيا ويا
( ويب ڊيسڪ ) لاهور دنيا جي سڀ کان وڌيڪ آلودگي وارن شهرن ۾ پهرين نمبر تي اچي ويو آهي،
لاهور ۾ وڌندڙ آلودگي سبب اڄ کان اسڪولن جو وقت تبديل ڪيو ويو آهي.
اسڪول ايجوڪيشن کاتي موجب لاهور جي سرڪاري ۽ خانگي اسڪولن ۾ تدريسي عمل صبح 8:45 وڳي شروع ٿيندو،
ياد رهي ته پنجاب جي ماحوليات کاتي سموگ سبب ڪم جا ڪلاڪ تبديل ڪرڻ جو مشورو ڏنو هو.
