مظفر ڳڙهه ۾ گوگل  ميپ خانگي اسپتال جي نرس کي زيادتي جو نشانو بنجڻ کان بچائي ورتو

Man behind a scratched glass

Man behind a scratched glass

مظفر ڳڙهه ( ويب ڊيسڪ ) پوليس موجب واقعو گذريل رات ان وقت پيش آيو جڏهن نرس خانگي اسپتال مان گهر وڃڻ لاءِ ڪچهري چوڪ وٽان رڪشا ۾ سوار ٿي هئي، رڪشا ڊرائيور نرس کي کڻي غلط رستي تي وڃڻ لڳو ته نرس ​​اسپتال جي ليڊي ڊاڪٽر سان لوڪيشن شيئر ڪئي جنهن تي اسپتال جي ڊاڪٽرياڻي پوليس کي اطلاع ڪيو، پوليس موجب رڪشا ۾ سوار جوابدارن مونڊڪا بائي پاس وٽ نرس سان زيادتي جي ڪوشش ڪئي پر پوليس جي هوائي فائرنگ سبب جوابدار فرار ٿي ويا

پوليس جو چوڻ آهي ته نرس سان زيادتي ۽ قتل جي ڪوشش جي الزام ۾ 2 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ رڪشا کي تحويل ۾ ورتو ويو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *