پنڊي ٽيسٽ جو ٽيون ڏينهن ختم: پاڪستان جي 448 رنسن جي جواب ۾ بنگلاديش 5 وڪيٽن جي نقصان تي 316 رنسون ٺاهي ورتيون.

WhatsApp Image 2024-08-23 at 19.04.13_89570a84

پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ جي ٽئين ڏينهن جي راند ختم ٿي وئي.

پنڊي ۾ کيڏيل ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن جي پڄاڻي تي بنگلاديش پاڪستان جي 448 رنسن جي جواب ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 316 رنسون ٺاهي ورتيون.

 ٽئين ڏينهن تي بنگلاديش طرفان 27 رنسن جي مجموعي راند جي شروعات، ذاڪر حسن 12 ۽ نجم الحسين شنٽو 16 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.

2 وڪيٽون ڪرڻ کانپوءِ شادمان اسلام ۽ مومن الحق شاندار پارٽنرشپ قائم ڪئي ۽ ٻنهي ففٽي اسڪور ڪئي.

پر پوءِ مومن الحق 50 رنسون ٺاهي ٽيم جو ساٿ ڇڏي ويو ۽ شادمان به 93 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، ان کان علاوه شڪيب الحسن 15 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.

5 وڪيٽون ڪرڻ کانپوءِ مشفيق الرحيم ۽ ليٽن داس ذميواري سان بيٽنگ ڪئي ۽ ٽيم جو اسڪور 300 رنسن تائين پهچايو.

ٽئين ڏينهن جي راند ختم ٿيڻ تائين بنگلاديش 5 وڪيٽن جي نقصان تي 316 رنسون ٺاهي ورتيون. مشفق الرحيم 55 ۽ ليٽن داس 52 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيا.

پاڪستان طرفان خرم شهزاد 2، نسيم شاهه، محمد علي ۽ سعيد ايوب هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.

واضح رهي ته بنگلاديش پاڪستان خلاف پهرين اننگز ۾ 132 رنسن جي خساري جو شڪار آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *