سنڌ شيخ الائنس جي مذمت جو اثر، شڪارپور پوليس ٻن مغوي معصوم ٻارڙن کي بازياب ڪرائي ورتو

WhatsApp Image 2024-10-27 at 23.53.37_b40312ab

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) شڪارپور مان اغوا ٿيل معصوم ٻارڙن وليد ميمڻ ۽ ناصر بکراڻي جي اغوا مامري تي سنڌ شيخ الائنس پاران مذمت ڪئي وئي هئي، واضع رهي ته ٻنهي معصوم ٻارڙن وليد ميمڻ ۽ ناصر بکراڻي کي شڪارپور مان اغوا ڪيو ويو، جنهن بعد ڌاڙيلن ٻنهي مغوي معصوم ٻارڙن جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪئي وئي هئي اهڙي ويڊيو وائرل ٿيڻ بعد سنڌ شيخ الائنس مرڪز پاران نوٽيس وٺندي وس وارن کان مطالبو ڪيو ويو هو ته ٻنهي مغوي معصوم ٻارڙن کي فوري طور بازياب ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو رستو اختيار ڪيو ويندو، سنڌ شيخ الائنس جي ڌمڪي بعد شڪارپور پوليس ڪاروائي ڪندي ٻنهي مغوي ٻارڙن وليد ميمڻ ۽ ناصر بکراڻي کي ڪچي واري علائقي مان بازياب ڪرايو آهي، هوڏانهن سنڌ شيخ الائنس جي مرڪزي چيئرمين ايڊووڪيٽ آصف مير شيخ چيو ته سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني تي ڳڻتي آهي، اسين چاهيون ٿا ته سنڌ جي ڪچي ۽ پڪي تي امن جي فزا پکڙيل هجي، معصوم ٻارڙن جي اغوا ٿيڻ ۽ ڌاڙيلن  پاران ويڊيو وائرل ڪرڻ بعد اسان جو روح ڇڄيل هو، اسين احتجاج جو رستو اختيار ڪريون ها، هن چيو ته اسان عملدارن کي ٽن ڏينهن جو وقت ڏنو هو ته معصوم ٻارڙن کي ٽن ڏينهن اندر بازياب ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ اسين ايس ايس پي شڪارپور جي آفيس آڏو ڌرڻو هڻنداسين

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *