زال کي خوش رکڻ سان عمر ۾ اضافو ٿئي ٿو، آمريڪا ۾ هڪ تحقيق دوران انڪشاف
( ويب ڊيسڪ ) اهو دلچسپ انڪشاف آمريڪا ۾ ٿيل هڪ تحقيق ۾ سامهون آيو آهي، ڪيليفورنيا يونيورسٽي جي هڪ تحقيق مان معلوم ٿيو آهي ته جيڪي ماڻهو پنهنجي زال سان خوش آهن، اهي عام ماڻهن جي ڀيٽ ۾ زياده زندگي حاصل ڪن ٿا،
تحقيق ۾ 56 کان 87 سالن جي عمر جي 321 ماڻهن تي 3 تجربا ڪيا ويا، انهن تحقيقي رپورٽن ۾ 2012ع کان 2018ع جي عرصي دوران انهن ماڻهن جي زندگين جو جائزو ورتو ويو.
