افغانستان اي ٽيم ٽي 20 ايمرجنگ ايشيا ڪپ کٽي ورتو
( ويب ڊيسڪ ) عمان جي شهر العمارات ۾ کيڏيل فائنل ميچ ۾ افغانستان اي سريلنڪا اي کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
سريلنڪا اي ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪندي سريلنڪا اي مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 133 رنسون ٺاهيون ۽ افغانستان اي کي کٽڻ لاءِ 134 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو
سريلنڪا طرفان ساهان آرچيڪ 64 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو
افغانستان اي جي بلال سميع 3 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو ۽ غضنفر 2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.
افغانستان اي 134 رنسن جو هدف 18.1 اوورن ۾ حاصل ڪري ورتو.
افغانستان اي طرفان صديق الله 55 بالن تي 55 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي، ان کان علاوه ڪريم جنت 33 رنسون، درويش رسولي 24 ۽ محمد اسحاق 16 رنسون اسڪور ڪيو
سريلنڪا طرفان اي جي سهان، دوشن هيمنٿانا ۽ ايشان ملنگا هڪ هڪ وڪيٽ ورتي،
