ميرپورماٿيلو: قومي شاهراهه تي ٽرڪ ۽ وين ۾ زوردار ٽڪر، ڊرائيور فوت ڪيترائي مسافر زخمي

WhatsApp Image 2024-10-27 at 16.16.26_8569d50a

ميرپورماٿيلو ( رپورٽ: عمر ڪرائي ) ميرپورماٿيلو ڀرسان گڻگي وٽ قومي شاهراهه تي تيز رفتار مسافر وين ۽ ٽرڪ ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو افسوسناڪ روڊ حادثي ۾ گھوٽڪي واسي ڪرشن مينگهواڙ موقعي تي فوت ٿي ويو جڏهن ته زخمين ۾ سليم، جنت گل، فائزہ خاتون ۽ ٻيا شامل آهن، زخمين کي ضلعي هيڊڪوارٽر اسپتال ميرپورماٿيلو منتقل ڪيو ويو آهي، هوڏانهن گهوٽڪي پوليس موجب قومي شاهراهه تي تعميراتي ڪم جي سست رفتاري سبب حادثا روز جو معمول بڻيل آهن

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *