ڏهرڪي: سوشل ورڪر پرديپ ڪمار تي بااثرن جو مبينا تشدد، متاثر جو احتجاج
ڏهرڪي ( رپورٽ: اسد الله صادق لغاري ) سوشل ورڪر پرديپ ڪمار پنهنجي والد سان گڏ ڏهرڪي پريس ڪلب ڏهرڪي تي دانهيندي چيو ته بااثر حاڪم ميگهواڙ ۽ ٻين مون کي سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون هيون جنهن بعد اڄ منهنجي گهر ۾ گهڙي مون تي حملو ڪيو ويو آهي هن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ سوشل ميڊيا تي بااثر ماڻهن خلاف پوسٽ ڪئي هئي جنهن تان بااثر مون مٿان مڇريل هئا، هن چيو ته بااثرن مان مون کي جاني ۽ مالي نقصان جو خدشو آهي بااثرن خلاف ڪاروائي ڪري تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي
