ڪنڊيارو: ڪشميرين سان يڪجهتي طور ڪارو ڏينهن ملهايو ويو، ٽائون ڪاميٽي ۽ ڊگري ڪاليج ۾ ريليون
ڪنڊيارو ( رپورٽ: عبدالوحيد چنا ) ٽائون ڪاميٽي ڪنڊيارو جي ملازمن ٽي ايم او ڪنڊيارو سليم ميمڻ ، حسنين جوکيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ٽائون ڪاميٽي کان ريلي ڪڍي ڪشميرين جي حق ۾ نعريبازي ڪئي هوڏانهن ٻئي طرف غلام رباني آگرو ڊگري ڪاليج ڪنڊيارو ۾ موٽروي پوليس ۽ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ڪنڊيارو جي سهڪار سان پرنسپال عبدالستار ابڙو، ڊي ايس پي موٽروي طاھر محمود ۽ ايڊمن موٽروي ممتاز احمد جي اڳواڻي ۾ اسيمبلي هال کان ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ موٽروي پوليس جي آفيسرن، ڪاليج جي سوين شاگردن، پروفيسرن ۽ نان ٽيچنگ عملي شرڪت ڪئي ان موقعي ريلين ۾ ڪشميري عوام سان يڪجهتي طور نعريبازي پڻ ڪئي وئي
