ميرپورماٿيلو: ٻيلو ميرپور پوليس جي ڪارروائي، 3 کان 4 ڪروڙ جي ماليت جي سوين منشيات جي ڪٽن سان ڀريل ٽرڪ هٿ، 3 جوابدار گرفتار
ميرپورماٿيلو ( رپورٽ: عمر ڪورائي ) ميرپور ٿاڻي جي حد قومي شاهراهه تي ٻيلو ميرپور پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي گٽڪو، سوپاري، آجينو موٽو، ڊراءِ کير، نيل ۽ ايراني ٽائرن سان ڀريل ٽرڪ ھٿ ڪري ورتي، جڏهن ته 3 ڄڻن ڪوئيٽا واسي عزت الله خان پٺاڻ، بخت محمد پٺاڻ ۽ نظير احمد کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي، ان سلسلي ۾ ڊي ايس پي ميرپورماٿيلو عبدالقادر سومرو موجب ته خفيه اطلاع ملڻ تي ڪوئيٽا کان پنجاب ويندڙ ٽرڪ تي ڇاپو هڻي ڪارروائي ڪئي آهي، پوليس جي ڪاروائي دوران لڳ ڀڳ 3 کان 4 ڪروڙ ماليت جو گٽڪو، سوپارين جو سامان، ايراني نان ڪسٽم پيڊ کير هٿ ڪري 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، پوليس موجب 10 ويلر هڪ ٽرڪ هٿ ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ گٽڪي ۾ استعمال ٿيندڙ سوپاري 204 ڪٽا، سوپاري ٽوٽو 82 ڪٽا، گٽڪي ۽ مين پڙي ۾ استعمال ٿيندڙ چورو 43 ڪٽا، آجينو موٽو 110 ڪٽا، اسپيشل کير ڊراءِ ملڪ 152 ڪٽا، نيل 45 ڪٽا ۽ 20 عدد ايراني ٽائر پڻ هٿ ڪيا ويا آهن هٿ آيل سامان جي ماليت تقريبن 3 کان 4 ڪروڙ آهي
