زال روزانو تشدد ڪري ٿي، اڄ ته اھڙو ماريو اٿس جو مان جان ڇڏائي ڀڄي پريس ڪلب پھتو آھيان: مصري خان ڀرٽ

WhatsApp Image 2024-10-26 at 12.59.28_bf411e2b

نوشهروفيروز ( رپورٽ: عادل عباسي ) نوشھروفيروز واسي مصري خان ڀرٽ پنھنجي گھر واري امينه ڀرٽ جي ظلمن کان تنگ ٿي نيشنل پريس ڪلب پهتو هن دانهيو ته مان جگر جو مريض آھيان، لائيو اسٽاڪ کاتي ۾ چوڪيدار آھيان منھنجي گھر واري خانگي شبانه سينٽر تي ڊليوري ڪرائيندي آھي، ھن جو واسطو امير ٻرڙو سان آھي جيڪو دليپوٽا جو رھواسي آھي

چئن سالن کان منھنجي نمبر تي ڪوڊ ۽ منھنجي ملڻ تي پابندي هڻي ڇڏي اٿس منهنجي گهرواري مون کي روزانو بيگناهه ماري ٿي اڄ ته اھڙو ماريو اٿس جو مان ڇڏائي رڙيون ڪري ڀڄي نيشنل پريس ڪلب پھتو آھيان، هن چيو ته ٿاڻي تي وڃان ٿو ته پوليس به ان جي پاسي آهي انصاف نه ٿو ملي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *