اوٻاوڙو: قومي شاهراهه تي ٽرڪ ڪلٽي ڊرائيور فوت ڪيلنر زخمي
اوٻاوڙو ( رپورٽ: غلام قمبر بوهڙ ) قومي شاهراهه تي رات دير سان سنڌ کان پنجاب ويندڙ ٽرڪ تيز رفتاري سبب ڪلٽي ٿي پئي، نتيجي ۾ پنجاب جي مظفر ڳڙهه جو رهواسي ٽرڪ ڊرائيور خالد بلوچ موقعي تي فوت ٿي ويو ۽ ڪيلينر اختر ڀٽي سخت زخمي ٿي پيو اطلاع تي اوٻاوڙو پوليس واقعي واري هنڌ تي پهچي زخمي ۽ فوتي جي مڙهه کي کڻائي تعلقه اسپتال منتقل ڪيو، جتي زخمي جو علاج ڪيو پيو وڃي ۽ فوتي جي وارثن کي اطلاع ڏنو ويو آهي
