نوشهروفيروز: ٽنڊوالھيار جي ڳوٺ ڏتو ڪالرو واسي پريمي جوڙي جو تحفظ لاءِ احتجاج
ٽنڊو الھيار ( رپورٽ: عادل عباسي ) پريمي جوڙي عبدالعزيز ڪالرو ۽ ناري حميدان ڪالرو صحافين آڏو ڌانهيون ته ٻه ڏينھن اڳ گھران نڪري ڪراچي جي عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪيو آھي جنھن کان پوءِ ناري حميدان جا وارث احمد ڪالرو، ولي محمد ڪالرو، معشوق ڪالرو ، جبار ، عرض محمد ۽ ٻيا جي جان جا ويري بڻجي ويا آھن ۽ اسان کي انهن مان خطرو آھي جنھن ڪري اسان درپدري واري زندگي گھاري رھيا آھيون وس وارا مامري جو نوٽيس وٺي اسان کي تحفظ فراهم ڪن
