پنجاب پوليس هٿان کنڀي گم ڪيل شيخ برادري ماڻهن کي آزاد ڪرايو وڃي: ايڊووڪيٽ آصف مير شيخ
ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ شيخ الائنس جي مرڪزي چيئرمين ايڊووڪيٽ آصف مير شيخ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ڪشمور مان صوبي پنجاب جي رحيم يار خان ضلعي جي پوليس شيخ برادري جي ماڻھن کي بيگناهه کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي، جيڪڏهن شيخ برادري جي ماڻهن مٿان ڪو ڪيس آهي ته کين ظاهر ڪري ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي پنجاب پوليس جي بدمعاشي هلڻ نه ڏينداسين، ايڊووڪيٽ آصف مير شيخ وڌيڪ چيو ته پنجاب پوليس ڪشمور پوليس کي اطلاع ڪرڻ کان بغير مردن توڙي عورتن کي کنڀي گم ڪيو آهي اسين آئي جي سنڌ کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪريون ٿا، ايڊووڪيٽ آصف مير شيخ جو چوڻ آهي ته ايس ايس پي ڪشمور کي اپيل آهي ته شيخ برادري جا کنڀي گم ڪيل ماڻهو واپس ڪرايا وڃن ٻئي صورت سنڌ ۽ پنجاب جي دنگ تي احتجاج ڪنداسين
