سجاول: شيخ برادري جي 8 گهرن کي باهه، الهه تلهه سڙي رک

WhatsApp Image 2024-10-25 at 15.14.49_73467383

سجاول ( رپورٽ: سليم ملاح ) وارڊ نمبر 5 ۾ شيخ برادرين جي گهرن کي اوچتو باهه لڳي وئي نتيجي ۾ عبدالواحد شيخ، محمد اسماعيل شيخ، گل محمد شيخ، عبدالعليم شيخ، عبدالعزيز شيخ، عبدالله شيخ، عبيدالله شيخ ۽ لالو شيخ جا 8 گهر مڪمل طور تي سڙي رک ٿي ويا، متاثرن جو چوڻ آهي ته اسان مزدوري لاءِ ويا هئاسين اوچتو باهه لڳڻ سبب اسان جا ڪکاوان گهر سڙي رک ٿي ويا آهن، گهرن ۾ پيل هند، بسترا، راشن، نياڻين جو ڏاج ۽ ٻيو سامان سڙي ويو آهي گهرن کي باهه لڳڻ بعد متاثر کليل آسمان هيٺ بي يارومددگار ويٺل آهن

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *