اسپيڪر جي مرمت لاءِ پئسا نه ڏيڻ تي وحشي پٽ پنهنجي امڙ کي سرون هڻي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو
( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ميڊيا موجب واقعو غازي آباد ۾ پيش آيو، جتي بي رحم پٽ پنهنجي ماءُ جو قاتل بڻجي ويو
55 سالن جي پيرسن عورت سنگيتا هڪ فيڪٽري ۾ ڪم ڪندي آهي ۽ کيس ٻن پٽ موهت ۽ منيش جو اولاد آهي، منيش نئين دهلي ۾ سيڪيورٽي گارڊ جي نوڪري ڪندو آهي جڏهن ته 26 سالن جو موهت مختلف پروگرامن ۾ سائونڊ سسٽم سان گڏ ڊي جي طور ڪم ڪندو آهي
ڀارتي ميڊيا موجب موهت کي نو راتڙي جي موقعي تي مندر وڃڻ ۽ اسپيڪر جي مرمت لاءِ 20 هزار ڀارتي روپين جي ضرورت هئي، جنهن لاءِ هن پنهنجي ماءُ کان پئسا گهريا، ماءُ پاران انڪار ڪرڻ تي سندس پٽ ڪاوڙ ۾ اچي ويو
ميڊيا رپورٽن موجب ٻئي ڏينهن تي موهت پنهنجي ساٿين سان گڏجي پنهنجي پيرسن امڙ سرون هڻي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو آهي، پوليس عورت جو لاش هٿ ڪيو آهي جڏهن ته موهت ۽ سندس دوستن کي گرفتار ڪيو ويو آهي
