عثمان شاهه هڙي: جمڙائو ڪئنال ۾ ٻڏي ويل پيرسن جو لاش هٿ
عثمان شاهه هڙي ( رپورٽ: اي جي عاقلاڻي ) جهنڊومري واسي 60 سالا پيرسن يوسف لوهار گذريل ڏينهن جمڙائو ڪئنال ۾ ٻڏي ويو هو، مسلسل 24 ڪلاڪن جي ڳولا بعد پيرسن جو لاش ڪنگورو شاخ واري موري وٽان هٿ ڪيو ويو
اطلاع تي حد جي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو واضع رهي ته پيرسن يوسف لوهار جو پٽ ڪجھه مهينا اڳ جمڙائو ڪئنال ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو هو علائقي واسين موجب پيرسن پٽ جي صدمي بعد ذھني توازن وڃائي ويٺو جنهن ڪري هن جمڙائو ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪيو
