اسرائيل جو ڏکڻ لبنان ۾ هڪ هوٽل تي حملو 3 صحافي شهيد ٿي ويا
پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيلي فوج بيروت جي ڏاکڻين علائقن کي خالي ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته لبنان جي سرحد تي حزب الله سان جهڙپ ۾ 5 اسرائيلي فوجي جهنم واصل ٿي چڪا آهن ۽ 7 جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.
ٻئي طرف ڪجهه ئي ڪلاڪن ۾ اسرائيلي فوج 10 رهائشي عمارتن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، ميڊيا رپورٽن موجب اسرائيلي حملن ۾ 150 فلسطيني شهيد ۽ زخمي ٿي پيا،
ان کان علاوه غزه ۾ اسرائيلي حملن ۾ هن وقت تائين 44 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن.
