ڏهرڪي: پوليس جي ڪاروائي 5 شراب جي بوتلن سميت هڪ ڄڻو گرفتار
ڏهرڪي ( رپورٽ: عرفان جلباڻي ) ڏهرڪي پوليس گشت دوران ڪاروائي ڪندي گلاب شاهه قبرستان وٽان هڪ جوابدار نعمان آرائين کي شراب جي 5 بوتلن سميت گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي جنهن خلاف منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري کيس لاڪ اپ ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او ڏهرڪي جو چوڻ آهي ته ڏهرڪي شهر ۽ ڀرپاسي ۾ منشيات فروشن خلاف ڪاروائيون شروع ڪيون ويون آهن ڪنهن به منشيات فروش کي بخش نه ڪيو ويندو
