ٺاروشاهه: مسجد جي تعميراتي ڪم دوران ڇت ڌماڪي سان ڪري پئي
ٺاروشاهه ( رپورٽ: نصير ابڙو ) درٻيلو لنڪ روڊ تي مسجد جي تعميراتي ڪم دوران ڇت ڌماڪي سان ڪري پئي چار مزدور دٻجي ويا ٽن ڄڻن کي فوري طور تي ملبي ھيٺان زخمي حالت ۾ ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪڍيو ويو،
ھڪ ڄڻي جي ڳولا جاري زخمين کي اسپتال نيو ويو، زخمين ۾ گلشن چانڊيو، ساجد اڄڻ، عدنان ڪلھوڙو شامل آهن جڏهن ته ملبي ۾ دٻجي ويل شير شيخ جي ڳولا ڪئي پئي وڃي، آخري اطلاعن تائين ملبي هيٺان دٻيل نوجوان جو پتو پئجي ناهي سگهيو
