نيو سعيد آباد ۾ پ ٽ الف جي چونڊن لاءِ چهچٽو عروج تي پهتل،
نيو سعيد آباد ( رپورٽ: محبوب ڪاڪا ) پ ٽ الف حيدرآباد ڊويزن جي صدر زاهد ڪاڪا سياسي حريف سٺيو گروپ جي اهم وڪيٽ ڪرائي ورتي، شفيع سٺيو جو ويجهو ساٿي سعيدآباد تعلقي جو جنرل سيڪريٽري فياض قائمخاني سٺيو گروپ کان رستا ڌار ڪري جروار گروپ ۾ شامل ٿي ويو
پ ٽ الف سنڌ جي اڳوڻي صدر محمد رفيق جروار، پ ٽ الف حيدرآباد ڊويزن جي صدر زاهد ڪاڪا ۽ اڳوڻي ڊويزنل جنرل سيڪريٽري سڪندر ميرجت جي مان ۾ اردو پرائمري اسڪول نيوسعيدآباد ۾ فياض قائم خاني، اسلم اسلام ۽ رياض راجپوت پاران آجياڻي جي تقريب رکي وئي، تقريب ۾ اسڪول جي استادن پ ٽ الف اڳواڻن جو شاندار آڌر ڀاءُ ڪندي کين لونگين ۽ اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا
جڏهن ته فياض قائمخاني سٺيو گروپ کان سياسي ناتا ٽوڙي رفيق جروار ۽ زاهد ڪاڪا تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي جروار گروپ ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو
