ٺاروشاهه: پوليس جي مبينا ناجائزين خلاف شهرين جو احتجاج

WhatsApp Image 2024-10-24 at 18.29.34_54e7e491

ٺاروشاهه ( رپورٽ: نصير ابڙو ) شاھي بازار واسي عارف سھتو، نعمان سھتو، رضا بھڻ ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانهيو ته ٺاروشاهه پوليس شھر جي نوجوان چاٽ ۽ ڇولا کپائيندڙ عرفان سهتو کي بلاجواز گرفتار ڪري سندس مٿان ڪوڙو چرس جو ڪيس داخل ڪري کيس لاڪپ ڪري ڇڏيو آھي،

ھنن چيو ته ايس ايڇ او نصرالله جانوري پوليس اھلڪار شاھد ڪلھوڙو، راشد خانزادا، ممتاز موريو ۽ ٻيا شھر ۾ سرعام منشيات فروشن کان ڀتو وٺي رھيا آھن ۽ شريف شھرين کي بلاجواز گرفتار ڪري ناانصافي ڪري رھيا آھن هنن مطالبو ڪندي چيو ته فوري طور معاملي جو نوٽيس وٺي پورھيت مٿان داخل ڪيس ختم ڪري انصاف ڪيو وڃي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *