پنڊي ٽيسٽ جو پهريون ڏينهن: انگلينڊ جي 267 رنسن جي جواب ۾ پاڪستان 3 وڪيٽن جي نقصان تي 73 رنسون ٺاهي ورتيون

384326_2751891_updates

پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ جاري فيصلي واري ٽيسٽ ميچ جي پهرين ڏينهن جي پڄاڻي تي پاڪستان پهرين اننگز ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 73 رنسون ٺاهي ورتيون.

پاڪستاني اوپنر عبدالله شفيق ۽ صائم ايوب 14 ۽ 16 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، جڏهن ته ڪامران غلام 3 رنسون ٺاهي پويلين موٽيو.

ڏينهن جي پڄاڻي تي پاڪستاني ڪپتان شان مسعود 16 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو جڏهن ته سعود شڪيل 16 رنسون ٺاهي ڪريز تي موجود آهي.

ان کان اڳ انگلينڊ جي پوري ٽيم پهرين اننگز ۾ 276 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي هئي.

اسپنر ساجد خان 6، نعمان علي 3 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو جڏهن ته بالر زاهد محمود هڪ ڪيچ ورتو.

راولپنڊي ۾ کيڏيل ميچ ۾ انگلينڊ ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *