عمرڪوٽ سميت ڪيترن ئي شھرن ۾ جميعت علماءِ اسلام پاران يوم تشڪر ملھايو ويو
عمرڪوٽ ( رپورٽ: جلال شر ) سپريم ڪورٽ پاران ختم نبوت مبارڪ ثاني قانون ۾ ترميم وارو فيصلو واپس وٺڻ جي خوشي ۾
عمرڪوٽ، پٿورو، شادي پلي سميت ٻين شھرن ۾ جميعت علماءِ اسلام پاران ريليون ڪڍيون ويون ،ان دوران حافظ محمد يعقوب، مولانا محمد اسحاق نھڙيو، الھ بچايو آريسر، غلام محمد نھڙيو ۽ ٻين چيو ته اسان سڀ مسلمان ختم نبوت لاءِ جان جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آھيون ۽ اسان جو ايمان آھي ته حضرت محمد مصطفي صلعم بعد ڪو به نبي نه ايندو حضرت محمد صلعم آخري نبي آهي
