عثمان شاهه ھڙي: پيارولنڊ ۾ سنڌو درياهه مان جبري ڇھه ڪئنال ڪڍڻ خلاف احتجاج

WhatsApp Image 2024-10-24 at 17.13.50_a49a522d

عثمان شاهه هڙي ( رپورٽ: اي جي عاقلاڻي ) پيارولنڊ مين چوڪ کان پريس ڪلب تائين سنڌو درياهه مان جبري ڇھه نوان ڪئنال ڪڍڻ واري عمل خلاف علائقي واسين پاران يونس لنڊ، رياض لنڊ، بابولال ڀيل، سنڌو نانگور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو

مظاهرين ڳالهائيندي چيو  ته سنڌو درياهه مٿان وفاق پاران گرين سنڌ جو نالو ڏئي پنجاب جي چولستان کي سرسبز ڪري سرسبز سنڌ کي بنجر بنائڻ لاءِ سنڌو مان ڇھه نوان ڪئنال ڪڍي سڄي سنڌ احتجاج ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي

هنن وڌيڪ چيو ته سنڌو ندي اسان جي سناتن ڌرم مطابق ديوتا آھي سنڌو ندي تي اسان جي رشي مني پوجا ڪئي ۽ اسان سنڌ واسين جو سنڌو درياهه وڏو تيرٿ آھي جيڪو سنڌو جي پاڻي سان هٿ چراند ڪندو اسان برداست نه ڪنداسون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *