گهوٽڪي رائونتي جي ڪچي ۾شر برادري جي سردار تي حملي خلاف سنڌ شيخ الائنس مرڪز پاران مذمت
گهوٽڪي ( رپورٽ: اسد الله صادق لغاري ) سنڌ شيخ الائنس جي مرڪزي چيئرمين آصف مير شيخ پنهنجي پڌرائي ۾ چيو آهي ته سنڌ جي شيخ برادري شر برادري سان هن ڏکي گهڙي ۾ گڏ آهي، هن وڌيڪ چيو ته شر برادري جي ٻن شخصيتن جي فوت ٿيڻ تي دلي صدمو رسيو آهي، سنڌ شيخ الائنس جي مرڪزي چيئرمين آصف مير شيخ چيو ته سردار مير شهريار خان شر کي ضرورت پئي ته ضلعي گهوٽڪي سميت سنڌ جي شيخ برادري ان جو سان ساٿ نڀائيندي، چيئرمين سنڌ شيخ الائنس ايڊووڪيٽ آصف مير شيخ جو چوڻ آهي ته رائونتي جي ڪچي ۾ پيدا ٿيل صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ آرمي آپريشن ڪرايو وڃي ۽ ڌاڙيل راڄ جو مڪمل طور تي خاتمو آندو وڃي، هن جو چوڻ آهي ته سنڌ جي ڪچي ۾ ڌاڙيل راڄ هئڻ ڪري ڪيترائي ماڻهون ڌاڙيلن جي رحم و ڪرم تي آهن ۽ پنهنجون قيمتي زندگيون وڃائي ويهن ٿا، ايڊووڪيٽ آصف مير شيخ مطالبو ڪندي ايس ايس پي گهوٽڪي ڊي آئي جي سکر، آئي جي سنڌ کان گهر ڪئي آهي رائونتي جي ڪچي ۾ پيدا ٿيل صورتحال تي ضابطو آڻي سردار مير شهريار خان شر مٿان حملو ڪندڙ ڏوهارين کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي
