گهوٽڪي: صحافي طفيل رند ۽ سندس خاندان ڪوڙي ڪيس مان باعزت بري

WhatsApp Image 2024-10-13 at 21.27.04_c9dfa897

گهوٽڪي ( رپورٽ: اسد الله صادق لغاري ) صحافي طفيل رند ۽ سندس خاندان مٿان داخل ڪوڙو ڪيس گهوٽڪي جي عدالت سڳوري ختم ڪندي کين باعزت بري ڪري ڇڏيو آهي، صحافي طفيل رند ۽ سندس خاندان خلاف ڪجهه سال اڳ حق سچ لکڻ جي ڏوهه ۾ قبضا مافيا گروپ جا بااثر ڏمريل هئا، حيدراڻي برادري جون خبرون هلائڻ تان قبضا مافيه جا بااثر صحافي طفيل رند ۽ ان جي خاندان جا دشمن بڻجي ويا هئا، ان سلسلي ۾ صحافي طفيل رند نيوز نائو سان ڳالهائيندي چيو ته فتح حق ۽ سچ جي ٿيندي آهي، عدالتن مان هر مظلوم کي انصاف ملندو آهي، ھن چيو ته ڄاڻايل ڪيس ۾ اٽڪل ٻن سالن کان گهوٽڪي جي عدالت سڳوري ۾ پيش ٿي رهيا هئاسين، جتان 12 آڪٽوبر تي عدالت مان انصاف مليو آهي اسان مٿان داخل ڪيل ڪوڙو ڪيس عدالت سڳوري وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد خارج ڪندي اسان کي باعزت بري ڪيو آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *