سردار مير خالد احمد خان لنڊ ۽ ٻين سان ادب ۽ احترام جو رشتو مضبوط ٿيندو پيو وڃي: سردارزاده محمد اڪمل خان لغاري
ڏهرڪي ( رپورٽ: اسرار حسن لغاري ) ايم پي اي سردار نادر اڪمل خان لغاري جي فرزند سردارزاده محمد اڪمل خان پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته لغاري هائوس ڏھرڪي بنا ڪنهن فرق جي هر طبقي جي خدمت ڪري رهيو آهي هن چيو ته دلين تي حڪمراني ڪرڻ بهتر اسان جي ڪوشش آهي ته جيترو ٿي سگهي پنهنجي برادري ۽ حلقي جي عوام ڏکن ۽ سکن ۾ ٻانهه ٻيلي ٿي بيهون، هن وڌيڪ چيو ته ضلعي گھوٽڪي جي چاچا سائين سردار علي گوھر خان مھر ۽ چاچا سائين سردار مير خالد احمد خان لنڊ ۽ ٻين سان ادب ۽ احترام جو رشتو گزرندڙ وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿيندو پيو وڃ، منھنجي لاءِ والد محترم سردار نادر اڪمل خان لغاري صاحب جو متعين ڪيل رستو ئي اولين مشعل راهه ۽ نشان منزل آھي
