نيو سعيد آباد: بااثرن جي بنگلن تي ڊيوٽيون ڪندڙ 40 اهلڪارن کي هيڊڪوارٽر رپورٽ ڪرايو ويو
نيو سعيد آباد ( رپورٽ: محبوب ڪاڪا ) ضلعي مٽياري اندر مختلف بااثرن جي بنگلن تي ڊيوٽيون ڪندڙ 40 اهلڪارن جون ڊيوٽيون تبديل ڪيون ويون ۽ ڄاڻايل اهلڪارن کي هيڊڪوارٽر رپورٽ ڪرايو ويو آهي اهڙو اظهار ايس ايس پي مٽياري فيصل بشير ميمڻ نيوسعيدآباد پوليس اسٽيشن، فاريسٽ پوليس اسٽيشن نورڪيٽي ۽ بٺو ڪيٽي جو دورو ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالھائيندي ڪيو هن چيو ته ضلعي جو امن بحال ڪرڻ اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته سنڌ پوليس جا اهلڪار عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، ان ڪري ڄاڻايل اهلڪارن کي پوليس هيڊڪوارٽر رپورٽ ڪرايو آهي
