مٽياري جي ماڊل ڪورٽ ٻٽي قتل ڪيس ۾ ٽن جوابدارن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي،
مٽياري ( رپورٽ: ذوهيب ميمڻ ) اڏيرولال اسٽيشن ٿاڻي تي 3 سال اڳ داخل ٿيل ڪيس جي ٻڌڻي ۾ ڌرين جي وڪيلن جا دليل پورا ٿيڻ بعد ڊسٽرڪٽ ايڊيشنل سيشن جج جي ماڊل ڪورٽ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٽن جوابدار علي گل ميرجت، ارشاد ۽ اڪبر کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي، ياد رهي ته سال 2021 ۾ فريادي عبدالقادر ميرجت ڪيس داخل ڪرايو هو، اهڙو ڪيس ڪارنهن الزام هيٺ داخل ڪيو ويو هو، داخل ٿيل ڪيس ۾ علي اصغر ميرجت ۽ مسمات عابده قتل ٿيا هئا
