ڏهرڪي: سنڌو درياهه بچايو تحريڪ جي سڏ تي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو
ڏهرڪي ( رپورٽ: عرفان جلباڻي ) سنڌو بچايو تحريڪ پاران ايس يو پي اڳواڻ حاتن خان شر، ايس ٽي پي اڳواڻن زاهد ميراڻي، ڄام معشوق سميجو، گلزار شر، قومي عوامي تحريڪ اڳواڻ تراب شر ۽ ٻين اتحادي پارٽين جي اڳواڻي ۾ عوامي هوٽل کان يو بي ايل چوڪ تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويون، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته گرين پاڪستان منصوبي تحت پنجاب جي زمين آباد ڪرڻ لاءِ سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ جي رٿابندي ڪئي پئي وڃي، صدر پاڪستان آصف زرداري سنڌو درياءَ مٿان 6 نوان ڪئنال ٺاھڻ جو منصوبو تيار ڪري سنڌ جي موت جو پروانو تيار ڪيو آهي، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ھڪ ته سنڌ کي آبادي لاءِ پاڻي ميسر ناهي، مٿان وري ڪئنال ٺاھي سنڌي ماڻهن جو قتل عام ڪيو پيو وڃي، جيڪو سنڌ جا غيرت مند پٽ ڪڏهن به قبول نه ڪندا، هنن چيو ته اسين پاڪستان پيپلزپارٽي پارٽي ۽ وفاقي حڪومت کي ٻڌائڻ ٿا چاهيون ته جيستائين فيصلو واپس وٺي سنڌي عوام کان معافي نه ورتي ويندي تيستائين سنڌ جي عوام سراپا احتجاج بڻيل رهندي
