مورو واسي پورهيت جو پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج

WhatsApp Image 2024-09-14 at 23.29.27_07ca9c9b

مورو ( رپورٽ: سرمد رضا مستوئي ) مورو واسي پورهيت وسيم ميمڻ جو پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج ڪيو، هن عدالت سڳوري ۾ وڪيل معرفت درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، ان سلسلي ۾ مير وسيم ميمڻ پنھنجي بيان ۾ چيو ته مان مورو شھر ۾ موٽرسائيڪل خريد ۽ فروخت جو ڪم ڪندو آھيان ڪجهھ ڏينھن اڳ مورو پوليس جا اھلڪار ۽ خانگي ماڻھن اچي مونکي ڪار ۾ کڻي وڃي ڪوارٽر ۾ بند ڪيو ۽ تشدد جو نشانو بڻايو ۽ هنن چيو ته تون اسان کي گھربل آھين جنھن تي مون کين قومي شناختي ڪارڊ ڏيکاريو پر ان جي باوجود هو مون کي مسلسل حراسان ڪندا رهيا، ان بعد هنن منهنجي تلاشي وٺي مون کان 70 ھزار رپيا ڪڍي ويا، متاثر نوجوان چيو ته مان ڪاروباري ماڻھون آھيان منھنجو ڪنھن به غلط ماڻھو سان واسطو ناھي پر پوليس بلا جواز مون کي تنگ ڪري رھي آھي هن مطالبو ڪيو ته ڄاڻايل وس وارا مامري جو نوٽيس وٺي مون سان انصاف ڪن

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *