گهوٽڪي: ميونسپل چيئرمين ڄام آصف رزاق ڌاريجو  جي پ پ ليڊيز ونگ اڳواڻ فريال ٽالپر سان ملاقات

WhatsApp Image 2024-09-14 at 22.25.42_e24ce1f6

گهوٽڪي ( ويب ڊيسڪ ) ميونسپل ڪاميٽي جي چيئرمين ڄام آصف رزاق ڌاريجو پاران پ پ ليڊيز ونگ اڳواڻ فريال ٽالپر عمري جي سعادت ماڻڻ تي کيس مبارڪباد ڏني، گهوٽڪي جي سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، فريال ٽالپر ميونسپل ڪاميٽي جي چيئرمين ڄام آصف رزاق ڌاريجو جي بهتر ڪم ڪرڻ تي سندس جي واکاڻ ڪئي، فريال ٽالپر جو چوڻ هو ته اوهان ساڳئي ڪم کي ساڳئي جذبي سان برقرار رکو، هن چيو پ پ جو فلسفو به عوام جي خدمت آهي، سنڌ اندر اهڙيون به ميونسپل ڪاميٽيون آهن جن جو ڪم اسان آڏو واضع آهي، گهوٽڪي ميونسپل ڪاميٽي جو شمار اهڙين ميونسپل ڪاميٽين ۾ ٿئي ٿو جيڪي عوام جو ساٿ ڏين ۽ درد وندن جو سهارو بڻن ٿيون، هوڏانهن ٻئي طرف ميونسپل ڪاميٽي جي چيئرمين ڄام آصف ڌاريجو پ پ اڳواڻ فريال ٽالپر کان مطالبو ڪيو ته گهوٽڪي جي آبادي وڌڻ ۽ ماضي ۾ ڪم نه ڪرائڻ سبب شهر ۾ گهڻي تبديلي جي ضرورت آهي، ڄام آصف رزاق ڌاريجو، پ پ اڳواڻ فريال ٽالپر کي آگاهي ڏني ته ميونسپل ڪميٽي پنهنجي محدود مالي وسيلن آڌار شهر ۾ 300 ترقياتي اسڪيمون ڏنيو آهن، اڃا به چاهيون ٿا ته ڪم ٿئي ۽ شهر جي ڪا به گهٽي ۽ رستو ٺهڻ کان رهجي نه سگهي ان ڪري سنڌ سرڪار کان اسپيشل ترقياتي پيڪيج وٺرائي ڏنو وڃي، جنهن تي فريال ٽالپر ڄام آصف رزاق ڌاريجو کي خاطري ڪرائي ته وڏي وزير سان ڳالهائي گهوٽڪي ميونسپل ڪميٽي کي اسپيشل فنڊ وٺرائي ڏنا ويندا

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *