شڪارپور ڀرسان ڦر دوران مذاحمت تي نوجوان قتل
شڪارپور ( رپورٽ: عاشق ڪلهوڙو ) نيو فوجداري ٿاڻي جي حد سائيٽ ايريا سرتاج ڪانٽي لڳ بابو شر کان 125 موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، مزاحمت تي هٿياربندن حملو ڪري کيس سخت زخمي ڪري ڇڏيو، جيڪو اسپتال نيئندي رستي ۾ فوت ٿي ويو ٻئي طرف مقتول جي وارثن ڌرڻو هڻي سکر شڪارپور روڊ بلاڪ ڪري ٽائرن کي باهيون ڇڏيون آهن
