عثمان شاهه هڙي ۽ ڀرپاسي ۾ تازين برساتن بعد سوين ايڪڙ فصل پاڻي هيٺ

WhatsApp Image 2024-09-13 at 15.27.56_ce15ae0e

عثمان شاهه هڙي ( رپورٽ: اي جي عاقلاڻي ) جهنڊومري تعلقي ۾ برسات سبب سوين ايڪڙ زرعي زمين پاڻي هيٺ اچي وئي، ايندڙ سيزن ۾ ڪڻڪ جي پوکي متاثر ٿيڻ جو خدشو ظاهر، يوسي ميل، ڊاسوڙي، ميرآباد سميت 10 يوسين جي زرعي زمينن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو، آبادگارن عثمان ٿيٻو، نورالدين ۽ شير علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج، سندن چوڻ آهي ته سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، پاڻي نيڪال نه ٿيو ته ايندڙ سيزن ۾ ڪڻڪ جي پوکي نه ٿي سگهندي، ڪروڙن جا فنڊ جاري ٿيڻ باوجود انتظاميا نالي ماتر فقط چند علائقن مان پاڻي نيڪال ڪرائي غائب ٿي وئي آھي نوٽيس ورتو وڃي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *