ڏهرڪي: ڳوٺ جهنگل ملڪ واسڻ ناري عرفانه ملڪ جو مڙس خلاف احتجاج
ڏهرڪي ( رپورٽ: عرفان جلباڻي ) ڳوٺ جهنگل ملڪ جي رهواسڻ ناري عارفه ملڪ پنهنجي مڙس عاطف ملڪ خلاف پريس ڪلب ڏهرڪي پهچي دانهيندي چيو ته هڪ سال اڳ عاطف ملڪ سان شادي ٿي هئي جنهن هڪ سال تائين گهر ۾ رکيو بعد ۾ عاطف ملڪ مون کي گھران ڪڍي ڇڏيو هو، ڪجه عرصي بعد عاطف مون کي هڪ دفعو ٻيهر گهر وٺي آيو هاڻي ٻيهر هن مون مٿان ڪارنهن جي تهمت مڙهي گهران ڪڍيو ڇڏي آهي، هن وس وارن کان اپيل ڪئي ته مامري جو نوٽيس وٺي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي
