رحيميار خان ۾ پنجاب پوليس تي ڌاڙيل جو حملو، 11 اھلڪار شھيد
رحيم يار خان جي ڪچي واري علائقي ۾ پوليس جي 2 گاڏين تي ڌاڙيلن جي حملي ۾ 11 اهلڪار شهيد ٿي ويا
پوليس موجب ڪچي جي علائقي ماڇڪا ۾ ڌاڙيلن پوليس جي 2 گاڏين تي فائرنگ ڪري ڏني
ٻئي پوليس موبائلون برسات جي پاڻي ۾ ڦاسي پيون ته ڌاڙيلن پوليس تي راڪيٽ لانچرن سان حملو ڪري ڏنو
گهوٽڪي پوليس موجب ڌاڙيلن جي حملي ۾ 11 پوليس اهلڪار شهيد ۽ 7 زخمي ٿي پيا آھن
حملي کانپوءِ رحيم يار خان پوليس علائقي کي ڪڙو چاڙهي وڏي نفري طلب ڪري ورتي
