چوهڙ جمالي: 12 ربيع الاول جي آمد آمد، عاشقانِ رسول صلعم پاران ريلين جو سلسلو شروع
چوهڙ جمالي ( رپورٽ: وقار ميمڻ ) 12 ربيع الاول ويجهو ايندي ئي آس پاس جي علائقن ۾ عاشقانِ رسول صلعم پاران ريلين جو سلسلو جاري آهي، شاھبندر، قادرنو شاهه، لاڏيون سميت مختلف علائقن کان نڪرندڙ ريلين ۾ موٽرسائيڪل، سوزڪي ۽ ٻين سوارين تي سوار عاشقانِ رسول صلعم پاران ھر طرف يا مصطفيٰ يا مرحبا جا نعره بلند، 12 ريبع اول جي ويجھو ايندي ئي شھر جي گهٽين ۽ گھرن کي سبز حلالي پرچمن سان سينگاريو ويو، جڏهن ته شهر جي مختفل چوڪن ۽ چوراهن تي اسٽال پڻ لڳا ويا آھن، شھر ۽ ڀرپاسي ۾ عاشقانِ رسول صلعم پاران خريداري جو سلسلو زور و شور سان جاري آهي
