ريتي: ڳوٺ حسڻ ڀٽو واسين پاران بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف پوليو مهم جو بائڪاٽ
ريتي ( رپورٽ: صدام حسين ملڪ ) ڳوٺ حسڻ ڀٽو واسين پاران بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف پوليو مهم جو بائڪاٽ ڪيو ويو آهي ڳوٺاڻي ٻروچ ڀٽو، قادر بخش، ربنواز، وليداد، محمد بچل ڀٽو، حاجي سونو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي ڳوٺاڻن ڳالهائيندي چيو ته جيستائين اسان کي بنيادي سهولتون نه ملنديون ايسيتائين اسان پوليو مهم جو بائڪاٽ ڪندا رهنداسين، هنن چيو ته اسين ڊي سي گهوٽڪي ۽ اي سي اوٻاوڙو کان مطالبو ڪريون ٿا ته اسان جي ڳوٺ ۾ تعليم، روڊ، رستا ۽ مٺي پاڻي جي سهولت مهيا ڪئي وڃي
