سجاول: ايم ڪيو ايم جو ضلعي اجلاس ٿي گذريو

WhatsApp Image 2024-09-12 at 20.21.49_91d7bfd3

سجاول ( رپورٽ: سليم ملاح ) متحده قومي موومينٽ پاڪستان جو ضلعي اجلاس جي صدارت مختيار لغاري ڪئي، جڏھن ته اجلاس ۾ عھديدارن ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان دوران مختيار لغاري چيو ته برسات سبب آبادگارن ۽ ھارين جي فصلن جو نقصان ٿيو آهي غريبن جا اجھا جھري پيا آهن، پر ضلعي انتظاميا توڙي چونڊيل نمائندن جي نااهلي سبب عوام جي هن مهل تائين مالڪي ناهي ٿي سگهي، ڪامورا توڙي چونڊيل نمائندا فقط ڪرپشن ۾ پورا آھن، ھنن وڌيڪ چيو ته ضلعي سجاول جي عوام جا اھنج ختم ڪرائڻ لاءِ وس آهر ڪوشش ڪنداسين، ان دوران نياز عرساڻي کي ضلعي سجاول لاءِ سينئر جوائنٽ سيڪيٽري مقرر ڪيو ويو هوڏانهن اجلاس جي اڳواڻن چيو ته ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد صلعم جي ولادت جو ڏهاڙو 12 ربيع الاول عقيدت ۽ احترام سان ملهائڻ لاءِ تياريون هلندڙ آهن

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *