قاضي احمد: ڳوٺ عبدالغني بروهي جو رهواسي نوجوان واٽر ڪورس ۾ ٻڏي فوت
قاضي احمد ( رپورٽ: جاويد سيال ) قاضي احمد ڀرسان ڳوٺ عبدالغني بروهي جو رھواسي 35 سال اصغر واٽر ڪورس ۾ وهنجندي ٻڏي فوتي ٿي ويو، جنھن جو مڙهه قاضي احمد اسپتال آندو ويو جتان ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، فوتي جي وارثن ٻڌايو ته نوجوان کي مرگهي جي بيماري هئي
