دريا خان مري: پرائمري اسڪول حمزو مورجو جي عمارت جا چاپڙ ڪري پيا

WhatsApp Image 2024-09-12 at 19.05.10_2ec89543

دريا خان مري ( رپورٽ: ڪاشف اقبال آرائين ) دريا خان مري ڀرسان پرائمري اسڪول حاجي حمزو مورجو جي عمارت جا چاپڙ ڪري پيا، شاگرد معجزاڻي طور محفوظ، اسڪول جي شاگردن، شاگردياڻين ۽ ڳوٺاڻن پاران اسڪول جي عمارت ناڪاره هئڻ خلاف احتجاج، ان موقعي تي ڳوٺاڻن ۽ شاگردن ذيشان، سليم، ايمان، اختر علي، رياض حسين ۽ ٻين چيو ته پرائمري اسڪول حاجي حمزو مورجو جي عمارت سال 2022 جي برساتن دوران مڪمل طور تي ناڪاره ٿي وئي هئي، جنهن ڪري ڇت جا چاپڙ ڪرڻ روز جو معمول بڻيل آھن، 200 کان وڌيڪ شاگرد ۽ شاگردياڻيون وڻن ھيٺان کليل آسمان هيٺ تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آھن، ان موقعي تي ڳوٺاڻن، شاگردن ۽ شاگردياڻي وس وارن کان اپيل ڪئي ته اسڪول جي عمارت ٺهرائي ڏني وڃي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *