باڊهه: شاهينگ ڇوڪريون ڪريانه جي دڪان تان روڪ رقم چورائي ويون

WhatsApp Image 2024-09-12 at 19.01.26_288f3447

باڊهه ( رپورٽ: افضل سانڀل ) شاهينگ ڇوڪريون پير تقي محلا مان سيد علي حسن شاهه جي ڪرياني جي دوڪان تان 86 هزار روپيا روڪ رقم چوري ڪري فرار ٿي ويون، متاثر دوڪاندار ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي ڇڏي، متاثر دڪاندار سيد علي حسن شاهه ڳالهائيندي چيو ته گذريل ڏينهن 3 ڇوڪريون خريداري جي ارادي سان دوڪان تي آيون جن مان هڪ ڇوڪري سامان ٻڌائي رهي هئي ته ٻي دوڪان جي خاني مان پئسا ڪڍي رهي هئي مان کين پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڇوڪريون فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويون، هن چيو ته ڄاڻايل ڇوڪرين جي گروهه اڳ ۾ به باڊهه شهر جي هڪ دوڪان تان چوري ڪئي هئي جن کي شهرين پڪڙي پوليس حوالي ڪيو هو، متاثر دڪاندار وس وارن کان اپيل ڪئي ته مامري جو نوٽيس وٺي مون سان انصاف ڪيو وڃي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *