نيو سعيد آباد: ڳوٺ ملان عباس وٽان مارک واهه ۾ 15 ساله نينگر ٻڏي فوت
نيو سعيد آباد ( رپورٽ: محبوب ڪاڪا ) نيوسعيدآباد ڀرسان ڳوٺ ملان عباس وٽان مارک واهه ۾ پير ترڪڻ سبب 15 سالا نينگر ذيشان پٽ متارو مڱريو ڪري ٻڏي فوت ٿي ويو ،ڳوٺاڻن پنھنجي مدد پاڻ تحت ٻن ڪلاڪن جي ڪوشش بعد نينگر جو مڙهه ڪڍي ورتو، نينگر مڙهه تعلقا اسپتال آندو جتي ڊاڪٽرن نينگر جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، ضروري ڪاروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو
