ڀٽ شاهه: درگاهه ڀٽائي جي 11هين سجاده نشين جي 10هين ورسي تقريب
ڀٽ شاهه ( رپورٽ: جمن چوهاڻ ) درگاهه حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي رح جي 11هين سجاده نشين مرحوم سيد نثار حسين شاهه لطيفي جي 10هين ورسي عقيدت ۽ احترام سان ملھائي وئي، قائم مقام سجاده نشين درگاهه حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي رح چئيرمين ٽائون ڪاميٽي ڀٽ شاهه سيد خاور حسين شاهه لطيفي جن درگاهه ڀٽائي تي مرحوم سيد نثار حسين شاهه لطيفي جي مزار تي چادر چاڙهي فاتحه خواني ڪئي وئي، ورسي تقريب ۾ لطيفي ساداتن سيد اقبال شاه لطيفي، سيد جواد حسين شاه لطيفي، سيد ابوذر شاهه لطيفي ۽ ٻين شرڪت
