قاضي احمد: شرپسند شخص جو صحافي تي مبينا حملو، صحافي ۽ سندس پٽ زخمي
قاضي احمد ( رپورٽ: جاويد سيال ) نواب ولي محمد پريس ڪلب جو اڳوڻو صدر، جي ڊبليو سي جو تعلقي صدر ۽ خانگي ٽي وي چيئنل جي رپورٽر اعجاز سنگراهه پنهنجي ڳوٺ کان نواب ولي محمد شهر اچي رهيو هو ته کيس رستي ۾ شرپسند اختر ڀنڊ مبينا طور حملو ڪيو، نتيجي ۾ صحافي اعجاز سنگراهه ۽ ستين ڪلاس جو شاگرد سيف الدين سنگراهه زخمي ٿي پيا، جن علاج لاءِ تعلقه اسپتال قاضي احمد منتقل ڪيو ويو آهي، هوڏانهن صحافي برادري پاران عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي آهي ۽ ايس ايس پي شهيد بينظيرآباد تنوير تنيو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي
