شڪارپور: ڳڙهي ياسين ٿاڻي جي حد ۾ هڪ ئي وقت ڦر جون 3 وارداتون
شڪارپور ( رپورٽ: عاشق ڪلهوڙو ) شڪارپور ضلعي جا روڊ رستا ڏوهارين حوالي، ڳڙهي ياسين ٿاڻي جي حد ۾ هڪ ئي وقت ڦر جون 3 وارڌاتون پيش، خانپور ۾ ڦورو ھڪ ويگنار ڪار سميت موٽرسائيڪل، موبائل فونز ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري ويا، ڳڙھي ياسين ڀرسان منگر واهه لڳ عرفان ڪاڪيپوٽو کان نامعلوم ھٿياربندن موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مذاحمت تي هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، گولي لڳڻ سبب واٽھڙو عبدالرحمان بروھي زخمي ٿي پيو، جنهن کي زخمي حالت ۾ ڳڙهي ياسين اسپتال منتقل ڪيو ويو، ڳڙهي ياسين ڀرسان ڪوريجا لاڙي وٽ ممتاز هڪڙو کان سي ڊي موٽر سائيڪل 2 موبائيل فون 30 هزار روڪ رقم ڦر، ڳڙهي ياسين ڀرسان کجي باغ وٽ محمد اسلم مهر کان سي ڊي موٽر سائيڪل 2025 ڦر، ڳڙهي ياسين ٿاڻي جي حد ۾ٽن ڏينهن اندر 10 کان وڌيڪ ڦرن جون وارڌاتون پيش اچي چڪيون آهن، خانپور شھر جي ڍڪ روڊ وٽ هٿياربند حمزه آرائين کان موٽرسائيڪل ۽ موبائيل فون ڦر ڪري ويا، خانپور ٿاڻي جي حد انڊس هائي وي تي سنجراڻي لاڙي ڀرسان نامعلوم هٿياربند عمار آرائين ۽ ولي الله آرائين کي هٿيارن جي زور تي يرغمال ٻڻائي 2017 ماڊل ويگنار ڪار ۽ 2 عدد موبائلز فونز ۽ هزارين روپيا روڪ رقم ۽ بيو قيمتي سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا آهن، وڌندڙ بدامني تي رهواسي پريشاني کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن
