عثمان شاهه هڙي: ايڪسائيز پوليس جي ڪاروائي، 2 منشيات فروش گرفتار

WhatsApp Image 2024-09-10 at 11.41.36

عثمان شاهه هڙي ( رپورٽ: اي جي عاقلاڻي )ايڪسائيز اينڊ نارڪوٽيڪس سرڪل ٽنڊوالهيار جي انسپڪٽر علڻ خان عباسي ٽنڊوالهيار جي ٽنڊوآدم روڊ ريلوي ڦاٽڪ ويجهو منشيات جي آڏي تي ڇاپو هڻي، هيروئن ۽ آئيس هٿ ڪري جوبدار علي اڪبر ۽ طاهر بلوچ کي گرفتار ڪري ورتو آهي، انسپيڪٽر علڻ خان عباسي صحافين کي ٻڌايو ته نسل تباهه ڪندڙ منشيات فروشن کي ڪڏهن معاف نه ڪنداسين، هي ڪاروائي صوبائي وزير ايڪسائيز ۽ نارڪوٽيڪس سيڪريٽري ايڪسائيز نارڪوٽيڪس ڪنٽرول ۽ ڊاريڪٽر جنرل نارڪوٽيڪس ڪنٽرول ونگ جي هدايتن تي ڪئي وئي آهي، گرفتار منشيات فروشن خلاف منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *