ٺاروشاهه: مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ٻن نوجوان جي وارثن جو احتجاج
ٺاروشاهه ( رپورٽ: نصير ابڙو ) ٽئي سال اڳ ٺاروشاهه ڀرسان ابڙا ٿاڻي جي حد ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ٻن نوجوانن اطهر ۽ محب سولنگي وارثن محرم سولنگي، حاڪم، مظهر، مختيار، رشيد سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ان موقعي تي دانهيندي چيو ته اڳوڻي ڊي ايس پي حميد پنھور ۽ ٻين پوليس اھلڪارن ڀيڻ جي شادي ڪاڄ ۾ ويندڙ اسان جي نوجوانن کي ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي گوليون ھڻي قتل ڪيو هو، اهڙي واقعي جو ڪيس عدالتي حڪم تي ڊي ايس پي حميد پنھور ۽ ست پوليس اھلڪارن مٿان داخل ڪيو ويو هو ۽ اڳوڻي ڊي ايس پي حميد پنھور جي ھاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ ضمانت رد ڪئي جنھن بعد ضلعي نوشھروفيروز جي پوليس ھن محل تائين جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪري سگهي، هنن وڌيڪ چيو ته ايس ايس پي نوشھروفيروز صدام خاصخيلي پنھنجي پٽي ڀائي جوابدارن جي ونگار وھندي ڪيس جي فريادي حاڪم سولنگي جي پٽ ڪاليج جي شاگرد جواد سولنگي مٿان ڪوڙو ڦر جو ڪيس داخل ڪري ڪيس تان ھٿ کڻائڻ لاءِ ڌمڪائي رھيو آھي هنن مطالبو ڪيو ته مامري جو نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي
